ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل پاران هڪ ڊائيلاگ جو اهتمام

ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل پاران هڪ ڊائيلاگ جو اهتمام

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02جنوری2016ء) چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي ٻي عبوري رپورٽ جي تياري جي روشني ۾ ڊيموڪريسي رپورٽنگ انٽرنيشنل (اڄ) اڱاري ڏينهن هڪ ڊائيلاگ جو اهتمام ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد چونڊ سڌارن ۾ تيزي آڻڻ آهي. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني سيمينار جي صدارت ڪندو. ٻين خطاب ڪندڙن ۾ ڪيڊ وارو وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو آءِ اي رحمان ۽ فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ جي مدثر رضوي شامل آهن. ڪميٽي مسوده بل تي عام ماڻهن کان ڪمينٽس پڻ طلب ڪيا آهن جيڪي 29 جنوري 2017ع تائين پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا. سيمينار ۾ پي سي اي آر جا ميمبر ۽ سول سوسائٽي سميت پارليامينٽرين پڻ شرڪت ڪندا ۽ ڊرافٽ اليڪشن بل 2017ع جو جائزو وٺندا. مسوده بل ۾ نمايان نقطا شامل آهن جن ۾ اليڪشن ڪميشن جي مالياتي ۽ انتظامي اختيارن ۾ اضافو، نتيجن جي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۽ عورتن جي سياسي شرڪت سميت مستقبل جي نگران حڪومتن جو مينڊيٽ وغيره شامل آهي. اي پي پي/ع – ک 20:38