هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن دوران چانور جي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو

هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن دوران چانور جي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02جنوری2016ء) هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن دوران چانور جي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. شماريات بابت پاڪستان بيورو پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ کان نومبر 2016ع دوران 55 ڪروڙ 75 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا چانور برآمد ڪيا ويا. نومبر ۾ 4 لک 79 هزار ٽن کان وڌيڪ جا باسمتي چانور مختلف ملڪن کي برآمد ڪيا ويا جنهن جي ماليت 14 ڪروڙ 12 لک ڊالر کان وڌيڪ رهي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:26