حڪومت کي فاٽا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجن: فاٽا پارليامينٽرين

حڪومت کي فاٽا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجن: فاٽا پارليامينٽرين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 02جنوری2016ء) فاٽا جي پارليامينٽ ميمبرن چيو آهي ته حڪومت کي فاٽا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گهرجن. ڪالهه سومر ڏينهن اي پي پي سان ڳالهائيندي سينيٽر صالح شاهه چيو ته ڏکڻ وزيرستان جي عوام کي مسئلا درپيش آهن، ترقياتي منصوبا التوا هيٺ آهن، انهن کي جلد مڪمل ڪرڻ گهرجي. هن عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي ٻيهر بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته فاٽا سڌارن سان علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽر سجاد حسين طوري چيو ته حڪومت ملڪ جي ٻين علائقن وانگر فاٽا ۾ به بلدياتي چونڊون ڪرائي. هن چيو ته فاٽا سڌارن سان فاٽا جي شهرين کي بنيادي حقن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 17:24