چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئيانهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئيانهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي انهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي تجربن کي سامهون رکون ها ته پاڪستان جو اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺهي ها، جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ٽٽي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي آئين ۽ قانون موجب حتمي شڪل ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ميمبرن مان ٻن کي اڍائي سال ۽ ٻن کي 5 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سان فيصلو ڪُڻن ذريعي ڪيو ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي لاءِ چئن نالن جي منظوري ڏني آهي. بلوچستان مان جسٽس (ر) شڪيل احمد بلوچ، سنڌ مان رٽائرڊ وفاقي سيڪريٽري غفار سومرو، خيبرپختونخواهه مان جسٽس (ر) ارشاد قيصر ۽ پنجاب مان جسٽس (ر) الطاف ابراهيم قريشي جي نالن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪميٽي جي 2 نالن تي 11 ميمبرن جڏهن ته ٻن نالن تي 10 ميمبرن اتفاق ڪيو. ڪنهن به ميمبر انهن نالن تي اختلاف نه ڪيو، اسان انهن نالن کي منظوري جي لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط ذريعي موڪلي ڇڏيو آهي، ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ مشاورت آئيني ضرورت هئي ۽ اسان ان آئيني ضرورت کي پورو ڪيو آهي. قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان انهن نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ڪميٽي انهن جي نالن جي مشاورت کي مڃيو آهي ۽ چئن نالن جي منظوري ڏني آهي. ڪميٽي جي هڪ ميمبر چئني نالن تي پنهنجي راءِ نه ڏني، ان جو ڪميٽي تي اعتراض نه هو، ان جو موقف هو ته مخالف ڌر انهن سان مشاورت ناهي ڪئي تنهن هوندي به مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ آهي ته هن سڀني سان مشاورت ڪئي آهي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر تي تحريڪ انصاف سميت سموريون پارٽيون متفق آهن، عام طور تي هي اليڪشن ڪميشن اهڙي آهي جنهن تي سڀني جو اتفاق آهي. هن چيو ته قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ پاران ڪميٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالن جاسيل بند لفافا موڪليا ويا، انهن لفافن کي ڪميٽي ميمبرن کوليو ۽ انهن جي آڏو نالا پڙهيا ويا، اها آئيني گهرج هئي جيڪا اسان پوري ڪئي. هن چيو ته هي پهريون موقعو آهي جو هڪ عورت اليڪشن ڪميشن جي ميمبر بڻجي رهي آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر 12، 12 نالا ڪميٽي ڏانهن موڪليا، اليڪشن ڪميشن جي لاءِ چونڊيل چارئي نالا حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران موڪليل نالن ۾ شامل هئا. ڪميٽي سڀني نالن تي غور ڪيو ۽ اهي نالا هليا ويا. هن چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي. چونڊ سڌارن جي جوڙيل طريقي موجب انهن ميمبرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته چونڊ سڌارن واري ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي عهدن جي مدي جو وقت 5 سال ئي مقرر ڪيو ويو آهي پر تبديلي اها ڪئي وئي آهي ته تازن مقرر ڪيل ميمبرن مان ٻن کي پنج سالن لاءِ ۽ 2 کي اڍائي سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو ۽ ان ڳالهه جو فيصلو ڪڻن ذريعي ڪيو ويندو ته ڪير اڍائي سالن تائين ۽ ڪير پنجن سالن تائين مقرر رهندو. انهن قدمن جو مقصد اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي تسلسل کي برقرار رکڻ آهي ۽ اها ترميم آئيني ترميم ذريعي آئين جو حصو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته هن ڪميٽي جا فيصلا اڪثريتي راءِ سان ڪيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان کي آئين پڙهڻ گهرجي، آئين موجب قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان بنا آئين پڙهڻ جي غيرآئيني مطالبا ڪري رهيو آهي. طارق کوسا جي عمر انهي عهدي جي لاءِ مقرر عمر جي مٿئين حد کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي تجربن تي ڀاڙيو وڃي ها ته پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺهي ها جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ٽٽي وڃي ها ڇو ته هيستائين سندس پنهنجي پارٽي جي اليڪشن ڪميشن مڪمل ناهي ٿي سگهي، جيڪڏهن ٺهي به آهي ته سندس اشاري تي ٽٽي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي منفي سياست جي ڪري آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ڪميٽي اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير زاهد حامد، سينيٽر ڪبير احمد شاهي، سينيٽر اسلام الدين شيخ، سينيٽر محمد دائود خان اچڪزئي، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد جنيد انور چوڌري، نواب محمد يوسف ٽالپر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر شيرين مهرالنساءَ مزاري، خالد مقبول صديقي شرڪت ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 22:06