بيوروڪريسي پارليامينٽ جي فيصلن کي نظرانداز ڪري رهي آهي: سينيٽرعثمان ڪاڪڙ

بيوروڪريسي پارليامينٽ جي فيصلن کي نظرانداز ڪري رهي آهي: سينيٽرعثمان ڪاڪڙ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) بلوچستان سان تعلق رکندڙ سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو آهي ته بيوروڪريسي پارليامينٽ جي فيصلن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ عوامي اهميت جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پارليامينٽ جن معاملن کي طئي ڪري ٿي بيوروڪريسي ان تي عمل نه ٿي ڪري، صوبا پنهنجي مفاد ۾ جيڪي فيصلا ڪن ٿا انهن کي به بيوروڪريسي نظرانداز ڪري ٿي. پارليامينٽ جي اختيارن تي مصالحت نه ڪرڻ گهرجي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:06