اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ ميمبرن جي لاءِ ضابطه اخلاق جو مسودو جاري ڪيو ويو آهي. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته ميمبر ان مسودي ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ چاهين ته تجويزون ڏئي سگهن ٿا، مسودي کي جلد ئي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين ميمبرن کي ياد ڏياريو ته جهڙي طرح ضابطه اخلاق جي مسودي جي منظوري هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي، ان ۾ ميمبر وڌيڪ ترميم آڻڻ چاهين ته تجويزون جمع ڪرائين. مسودي ۾ چيو ويو آهي ته قاعدن جي تشريح ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ پيدا ٿئي ته اهڙي صورت ۾ سينيٽ چيئرمين جو فيصلو حتمي هوندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:33
سينيٽ ميمبرن جي لاءِ ضابطه اخلاق جو مسودو جاري
9 سال پھريان
