سينيٽر سراج الحق جون قراردادون ملتوي

سينيٽر سراج الحق جون قراردادون ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽر سراج الحق پاران آءِ سي ٽي ۾ آئين جي شقن تحت عوام کي بلدياتي نظام جا فائدا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ ٻاهرئين قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي حوالي سان قراردادون ملتوي ڪيون ويون. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر سراج الحق جون ٻه قراردادون ايجنڊا تي هيون جيڪي سندس درخواست تي ملتوي ڪيون ويون. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:29