وفاقي پوليس جون پگهارون ۽ مراعتون موٽروي پوليس جي برابر آهن: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

وفاقي پوليس جون پگهارون ۽ مراعتون موٽروي پوليس جي برابر آهن: مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) گهرو معاملن جي مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان چيو آهي ته وفاقي پوليس جون پگهارون ۽ مراعتون موٽروي پوليس جي برابر آهن، وفاقي پوليس ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پوليس ۾ انٽرنل ويجيلنس سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ فرانزڪ ليب پڻ قائم ڪئي پئي وڃي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان جي رٿ تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته رڳو پوليس نه ٻين ادارن ۾ به ملازمن جون مراعتون بهتر ٿيڻ گهرجن پر وسيلا محدود آهن. وفاقي پوليس جون مراعتون ۽ پگهارون موٽروي پوليس جي برابر ۽ ٻين صوبن کان بهتر آهن، ان کانسواءِ انهن کي پگهارن کانسواءِ ٻيون مراعتون پڻ ملن ٿيون. بلڪل اتفاق ڪريان ٿو ته پوليس کي پروٽوڪول ڊيوٽي مان ڪڍڻ گهرجي، موجوده حڪومت اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. پوليس جي بهتر ڪردار سان ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، پوليس ۾ انٽرنل ويجيلنس سيل قائم ڪيو آهي، پوليس ۾ ڪنهن جي خواهش تي مقرريون ۽ بدليون نه ٿيون ٿين، ميرٽ تي فيصلا ڪيا وڃن ٿا، پوليس جي آفيسرن، اهلڪارن کي ڪوتاهي ڪرڻ تي سزائون پڻ ملن ٿيون، پوليس ۾ بهتري آئي آهي، اسلام آباد جي 22 ٿاڻن کي بهتر بڻايو پيو وڃي، ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، هڪ ماڊل پوليس اسٽيٽ بڻائي پئي وڃي، پوليس جو رويو بهتر ڪرڻ جي لاءِ نيشنل پوليس بيورو پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، تربيت ڪرائي پئي وڃي، ان تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي، صوبائي پوليس کي به تربيت جي آڇ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وڌيڪ نفري ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ شفاف نظم ۽ طريقيڪار تحت ڪم ٿي رهيو آهي، اڳوڻين روايتن جي ابتڙ ميرٽ ۽ ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ ڀرتيون اين ٽي ايس ذريعي ۽ بااختيار ڪميٽين ذريعي ڪيون پيون وڃن، فرانزڪ ليب پڻ قائم ڪئي پئي وڃي، پوليس جي لاءِ مراعتون وڌيڪ بهتر ٿيڻ گهرجن، پوليس شهادتون ڏنيون آهن، اهي خراج تحسين جا مستحق آهن. هن چيو ته پوليس جي ڪم ۾ بهتري سان انهن جي وقار ۽ عزت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ تشخص بهتر ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جو نظام مثالي آهي، ڊرائيونگ لائيسنس جي لاءِ مثالي ون ونڊو نظام بڻايو آهي، حڪومت پوليس ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ ڪوششون جاري رکندي. ان کان اڳ سينيٽر چوڌري تنوير خان رٿ پيش ڪئي ته هي ايوان اسلام آباد پوليس جي عملي کي مناسب پگهارن، مراعتن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻي. پارلياماني معاملن جي ملڪتي وزير چيو ته لاڳاپيل وزير موجود نه آهي، آئون ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان، چيئرمين چيو ته لاڳاپيل وزير کي موجود هجڻ گهرجي جنهن تي اهو معاملو لاڳاپيل وزير جي ايوان ۾ موجودگي تائين ملتوي ڪيو ويو. بعد ۾ گهرو معاملن جي مملڪتي وزير جي ايوان ۾ اچڻ کانپوءِ رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر چوڌري تنوير خان چيو ته اسلام آباد پوليس جو ڪردار تمام اهم آهي، حڪومت زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پوليس جي سهولتن ۽ مراعتن ۾ اضافو ڪري. سي ڊي اي جي زمينن تي مافياز قبضا ڪري ورتا پر ڪنهن اداري پنهنجي ملازمن جي لاءِ رهائشي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ مناسب قدم نه کنيا. فنگر پرنٽس حاصل ڪرڻ، موبائيل ٽريس ڪرڻ جو نظام سڄي دنيا ۾ آهي. اسلام آباد پوليس وت اهڙي قسم جي بنيادي سهولت پڻ نه آهي، پوليس کي جديد اوزار ڏنا وڃن، موبائيل به چوري ٿئي ته مخصوص ادارن وٽ وڃي ان جي لوڪيشن ٽريس ڪرائڻي پوي ٿي، پوليس ۾ سڌارن جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وڃي. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پوليس ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پوليس کي عزت ۽ احترام ڏيڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر نهال هاشمي چيو ته پوليس وارا ڊپريشن جو شڪار رهن ٿا، انهن جي ڊيوٽي جا وقت مقرر نه آهن، ڪيترائي ڪلاڪ بيهي ڊيوٽي ڪن ٿا، سمورين خرابين جي پاڙ آفيسرشاهي آهي. سينيٽر وليم پڻ پوليس کي بهتر بڻائڻ ۽ مراعتون ۽ سهولتون بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر جهانزيب جمالديني چيو ته پوليس جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. سينيٽر سعود مجيد چيو ته پوليس جي مورال پڻ خيال رکڻ گهرجي ۽ سهولتن کي بهتر بڻايو وڃي. سينيٽر بابر اعواڻ چيو ته پوليس جون وڏيون قربانيون آهن، انهن کي سياست کان پاڪ ڪيو وڃي، هڪ پوليس آفيسر جي اسلام آباد ۾ موت ٿي آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. سينيٽر تنويرالحق ٿانوي چيو ته پوليس جو کاتو تمام اهميت وارو آهي، پوليس جو اميج سدائين کان خراب رهيو آهي، برطانيا ۾ پوليس جا اختيار به تمام گهڻا آهن ۽ پگهارون به وڌيڪ آهن. سينيٽر ايم حمزه چيو ته پوليس جون مراعتون ختم ڪيون وڃن. صلاح الدين ترمذي چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:19