سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت ذيلي ڪميٽي هزاره يونيورسٽي ايبٽ آباد جي ايڊيشنل رجسٽرار جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏيندي فوري طور تي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪندي يونيورسٽي کي سندس پي ايڇ ڊي جي لاءِ 40 هزار پائونڊ ۽ هاءِ ڪورٽ جي قانون موجب 25 سيڪڙو ڏنڊ سان وصول ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذيلي ڪميٽي هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ ملڪ جي سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي سياسي دٻاءُ قبول نه ڪرڻ جي لاءِ خط لکڻ جي سفارش ڪندي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن ڪير مداخلت ڪري ته سينيٽ سيڪريٽريٽ کي ان بابت آگاهه ڪري. ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر نعمان وزير خٽڪ جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ هزاره يونيورسٽي مانسهره جي آمدني جي ذريعن، خرچن جا تفصيل، گريڊ 1 کان 22 تائين جي مقررين، پروموشن ۽ وظيفن جي تفصيلن جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم خان سواتي جي هزاره يونيورسٽي بابت اٿاريل اعتراضن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد، اعظم خان سواتي، ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقي تعليم جي سيڪريٽري محمد همايون خان، تعليم واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر الله بخش ملڪ، هزاره يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر حبيب الله، هزاره يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سهيل شهزاد، ريڪٽر ڪامسيٽس يونيورسٽي ڊاڪٽر ايس ايم جنيد زيدي، پشاور يونيورسٽي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد رسول جان، آءِ آءِ يو آءِ جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم يوسف، ڊاڪٽر محمد مظهر سعيد کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:08