ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي ملڪ جي مختلف جاين تي 7 زونز قائم ڪيا آهن: احسن اقبال

ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي ملڪ جي مختلف جاين تي 7 زونز قائم ڪيا آهن: احسن اقبال

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22دسمبر2016ء) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون اٿارٽي ملڪ جي مختلف جاين تي 7 زونز قائم ڪيا آهن، فيصل آباد ۽ شيخوپوره ۾ سي پيڪ منصوبي تحت ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز قائم ڪيا ويندا. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ماضي ۾ پروسيسنگ زونز ان لاءِ ناڪام ٿيا ڇو ته انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي گهٽتائي هئي، سي پيڪ تحت ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي. اي پي پي/ع – ک 19:23