عوامي نيشنل پارٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي چونڊ جي حوالي سان حڪومت تي نه پر مخالف ڌر اڳواڻ تي خدشا هئا: سينيٽر شاهي سيد

عوامي نيشنل پارٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي چونڊ جي حوالي سان حڪومت تي نه پر مخالف ڌر اڳواڻ تي خدشا هئا: سينيٽر شاهي سيد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي چونڊ جي حوالي سان حڪومت تي نه پر مخالف ڌر اڳواڻ تي خدشا هئا، سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي پيپلزپارٽي جو اندروني معاملو آهي، پي پي پي جي قيادت وڏي وزير جي ڪم مان مطئمن نه هئي، سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوامي نيشنل پارٽي کي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، ڪميشن ۾ اي اين پي جو نمائندو دائود خان اچڪزئي موجود هو تنهن هوندي به مخالف ڌر اڳواڻ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ميمبرن ۽ ٻين چئني صوبن جي ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان مشاورت ناهي ڪئي، اسان جو خدشو حڪومت تي نه پر مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه تي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي جي حوالي سان هن چيو ته وڏي وزير جي تبديلي پ پ پ جو اندروني معاملو آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت وڏي وزير جي ڪم مان مطئمن نه هئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:52