ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي سان پيدا ٿيڻ واري صورتحال کي غور هيٺ آڻڻ لاءِ رٿ تي غور ملتوي

ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي سان پيدا ٿيڻ واري صورتحال کي غور هيٺ آڻڻ لاءِ رٿ تي غور ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي سان پيدا ٿيڻ واري صورتحال کي غور هيٺ آڻڻ لاءِ رٿ تي غور ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان رٿ پيش ڪئي ته ايوان ملڪ ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدمن کي بحث هيٺ آڻي، پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته في الحال ان معاملي کي ملتوي ڪيو وڃي، لاڳاپيل وزير موجود نه آهي جنهن ڪري سينيٽ جي چيئرمين ان معاملي کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:46