سرڪاري جاين تي غير قانوني قبضو ڪندڙن کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد

سرڪاري جاين تي غير قانوني قبضو ڪندڙن کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته سرڪاري جاين تي غير قانوني قبضو ڪندڙن کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عدالتن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي رٿ پيش ڪئي ته ايوان اسٽيٽ آفيس اسلام آباد پاران غير قانوني قبضو ڪندڙن کان سرڪاري ڪوارٽرز خالي نه ڪرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي بحث هيٺ آڻي، هن چيو ته ماڻهو غير قانوني طور تي سرڪاري جاين تي اثر رسوخ سان قبضو ڪندا آهن. پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسٽيٽ آفيس جي ذميداري آهي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ يا بدلي کانپوءِ سرڪاري جاين جو قبضو حاصل ڪن پهرين اسٽيٽ آفيس وٽ ان حوالي سان اختيار هوندا هئا هاڻي هو ضلعي انتظاميه جي مدد جي محتاج هوندا آهن، ماڻهو عدالتن ۾ وڃي منع نامو وٺندا آهن، موجوده وزير ان حوالي سان ڪافي ڪم ڪري رهيو آهي، عدالتن سان به رابطو ڪيو پيو وڃي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:43