سينيٽ جي چيئرمين پاران شادي کان اڳ رت جو معائنو (عائلي قانوني ترميمي)بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

سينيٽ جي چيئرمين پاران شادي کان اڳ رت جو معائنو (عائلي قانوني ترميمي)بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني شادي کان اڳ رت جو معائنو (عائلي قانوني ترميمي) بل 2016ع لاڳاپيل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر چوڌري تنوير خان رٿ پيش ڪئي ته مورثي رت جي بيمارين ۽ پيدائشي نقصن کي روڪڻ جو بل غور هيٺ آندو وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته ان بل ۾ ڪافي مسئلا آهن، بهتر آهي ته ان کي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي اتي غور هيٺ آندو وڃي، چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين ايوان جي راءِ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:40