سينيٽ چيئرمين پاران بڪريال سٽي ترقياتي ڪم جي موجوده صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي غور ملتوي

سينيٽ چيئرمين پاران بڪريال سٽي ترقياتي ڪم جي موجوده صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي غور ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي چيئرمين بڪريال سٽي ترقياتي ڪم جي موجوده صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر لفيٽننٽ جنرل (ر) صلاح الدين ترمذي بالاڪوٽ جي زلزلي متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيندڙ بڪريال سٽي جي ترقياتي ڪم جي موجوده صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ چاهي پيو، چيئرمين چيو ته اهو معاملو پهرين ڪميٽي ۾ غور هيٺ ان لاءِ ان تي بحث ايوان ۾ مناسب نه آهي، سينيٽر صلاح الدين چيو ته ڪميٽي جي چيئرمين جي مشاورت سان ئي اها رٿ آندي آهي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار ڪميٽي سان تعاون نه پيا ڪن، اجلاسن ۾ ناهن ايندا، چيئرمين چيو ته ان کي ان بابت ڇو آگاهه نه ڪيو ويو، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪميٽي گهرائي ۽ هو نه اچن، هن چيو ته اهو معاملو چيمبر ۾ اڪلايو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:34