تحريڪ انصاف جي اندروني ويڙهه ۾ ميڊيا کي نشانو بڻائڻ قابل مذمت عمل آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

تحريڪ انصاف جي اندروني ويڙهه ۾ ميڊيا کي نشانو بڻائڻ قابل مذمت عمل آهي: وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اندروني ويڙهه ۾ ميڊيا کي نشانو بڻائڻ قابل مذمت عمل آهي، سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان انتشار ۽ بدتميزي جي بدقسمت ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، اهو انهي جو نتيجو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران ميڊيا تي تشدد جي شديد مذمت ڪريون ٿا، وفاقي وزير چيو ته ان کان پهرين به ميڊيا کي پي ٽي آءِ پاران تشدد ۽ بدتميزي درپيش رهي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:31