اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف افغان صدر اشرف غني طرفان پاڪستان تي تازن لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته افغانستان حڪومت الزام لڳائڻ بدران پاڪستان ۾ موجود افغان مهاجرن جي واپسي تي ڌيان ڏي، افغان مهاجرين پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهن، افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻ کانسواءِ پاڪستان دهشتگردي تي ضابطو نٿو آڻي سگهي. قومي سلامتي واري صلاحڪار جو ايران جو دورو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي عالمي فورمز تي کڻي رهيا آهيون، هو سومر ڏينهن سينيٽ جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪوئيٽا شوريٰ جي آفيس جا الزام اجايا آهن، پاڪستان ۾ هن وقت به ساڍا ٽن کان چار ملين افغان مهاجر موجود آهن ۽ هو پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهن، جيڪڏهن اهي سڀئي افغان مهاجر واپس افغانستان هليا وڃن ته پاڪستان جا معاملا ڪافي حد تائين بهتر ٿي ويندا، ان کانپوءِ ڪو اعتراض يا الزام لڳايو ويو ته پاڪستان ان جو بهتر جواب ڏئي سگهندو، هن چيو ته حڪومت افغانستان سان سرحد کي محفوظ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ان غرض سان طورخم تي گيٽ به لڳايو پيو وڃي، ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرحدي انتظام موثر بڻائڻ جو حق هوندو آهي ۽ اسان ان حق کي استعمال ڪري رهيا آهيون مرحليوار ٻين داخلي جاين تي به سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته داخلي جاين تي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ موثر هئڻ کانپوءِ سفري ڪاغذن سان چرپر ممڪن ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته اسان پاران گيٽ لڳائڻ تي اعتراض ڪرڻ واري ملڪ ۾ داخل ٿيڻ واري پاڪستانين ۽ گاڏين جي ان کان به سخت چيڪنگ ٿيندي آهي جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي سيڪيورٽي جي لاءِ اهي قدم کنيا ته ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي. پاڪستان ۾ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ افغان سرحد کي محفوظ بڻائڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سرحد انتظام موثر ٿيڻ کانپوءِ بغير ڪاغذن جي چرپر تي مڪمل پابندي هوندي، هن چيو ته افغان مهاجرن جي لاءِ ڪم ڪندڙ اي يو اين ايڇ سي آر سميت عالمي ادارن کي گهرجي ته افغان مهاجرن جي لاءِ افغانستان اندر به ڪم ڪن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغان حڪومت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي باچا خان يونيورسٽي ۽ اي پي ايس حملي ۾ ڀارت جو افغانستان ذريعي دهشتگردي ڪرڻ تي سڀئي شاهد افغان حڪومت کي ڏنا ويا آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي سلامتي واري صلاحڪار جو ايران جو دورو انتهائي اهم آهي، ان ۾ سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف گڏيل قومن او آءِ سي سميت هر عالمي فورم تي آواز بلند ڪنداسين. سشما سوراج جو تازو بيان هن ڳالهه جو اعتراف آهي ته والاريل ڪشمير اندر هن وقت جيڪا تحريڪ جي شدت آهي اها پهرين ڪڏهن نه هئي ۽ نئين نسل جي تحريڪ زور وٺي وئي آهي. ان حوالي سان ڀارتي ڪانگريس ۾ به بحث ٿي رهيو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:25
افغانستان حڪومت الزام لڳائڻ بدران پاڪستان ۾ موجود افغان مهاجرن جي واپسي تي ڌيان ڏي: وفاقي وزير خواجه آصف
8 سال پھريان