اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر شاهي سيد جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ سائبر ڪرائيم بل 2016ع تي وڌيڪ غور، ڪميٽي جي ميمبرن پاران سفارشون ۽ ترميمون، سول سوسائٽي ميڊيا پاران ڏنل تجويزن تي اجلاس ۾ غور ڪيو ويو. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر شاهي سيد چيو ته سائيبر ڪرائيم بل تي حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران اتفاق راءِ مثبت ۽ خوش آئنده آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي مفاد ۾ ذميداريون نڀايون آهن، اڄ جي دور ۾ سائيبر ڪرائيم ذهني ۽ سائنسي ٽيڪنالاجي جي ذريعي دهشتگردي ۾ هٿيار طور استعمال ٿي رهيو آهي، چيئرمين ته چيو ته ميمبرن وڏي محنت ۽ خلوص سان تجويزون ڏنيون، ڪميٽي اجلاس ۾ سائيبر ڪرائيم بل تي ذيلي ڪميٽي جي تجويزن، ترميمن، سول سوسائٽي جي سفارشن تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي وڌيڪ غور ۽ ڪميٽي پاران جامع ۽ عمل جي قابل سائيبر ڪرائيم بل جي حوالي سان سڀاڻي تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي، سائيبر ڪرائيم بل هاڻي ڪميٽي جي سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس مان منظوري کانپوءِ سينيٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، اجلاس ۾ سينيٽر عبدالرحمان ملڪ، فرحت الله بابر، تاج آفريدي، نجمه حميد، غوث محمد خان نيازي، گيانچند، سيد شبلي فراز کانسواءِ مملڪتي وزير انوشه رحمان، وزارت واري سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:58
سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
9 سال پھريان
