اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين محمد ارشد خان لغاري جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جا ميمبر محمد جنيد انوار چوڌري، ملڪ اعتبار خان، سردار منصب علي ڊوگر، رانا محمد اسحاق خان، پير محمد اسلم بودله، رائو محمد اجمل خان، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، نواب محمد يوسف ٽالپور، ملڪ غلام رباني کر، جنيد اڪبر، مولانا محمد گوهر شاهه، ڊاڪٽر سيد غازي گلاب جمال ۽ صاحبزاده محمد يعقوب شرڪت ڪئي. اجلاس جي دوران پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڪميٽي کي هائيڊل شمسي ونڊ ۽ ڪوئلي جي بجلي جي پيداوار جي مختلف منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، جيڪا ملڪ ۾ توانائي جي بحران جي خاتمي لاءِ موجوده حڪومت جي دور ۾ شروع ڪيا ويا آهن. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري تسليم چيو ته واپڊا جي ملازمن جي ملوث هئڻ کانسواءِ بجلي جي چوري ممڪن نه آهي ۽ اهو مسئلو صوبائي حڪومتن جي تعاون کانسواءِ حل نٿو ٿي سگهي. ڪميٽي سفارش ڪئي ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت شرپسندن جي خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ ان معاملي تي صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت کي رهتن جي مد ۾ 70 ارب روپيا ڏيڻا آهن، جيڪي اڃان تائين ادا ناهن ڪيا ويا ۽ وفاقي حڪومت آڇ ڪئي آهي ته ان ۾ 40 سيڪڙو وفاق ۽ 60 سيڪڙو صوبائي حڪومت ادا ڪري ، تنهن هوندي به بدقسمتي سان پوءِ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، وزارت ان معاملي جي حل لاءِ ڪميٽي کان مدد گهري، پاڻي ۽ بجلي واري وزير ڪجهه ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺندي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ان معاملي ۾ ڪميٽي کي تفصيلن کان آگاهه ڪري، هن ڪميٽي کي يقين ڏياريو ته ان جي ذميدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو انفرادي صارفين جي سهولت لاءِ وڌيڪ بلن جو خاتمو ڪري. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:54 خبر نمبر -- -- - 05
قومي اسيمبلي جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
9 سال پھريان
