وزيراعظم نواز شريف ۽ بوسنيا جي وزيراعظم جي گڏيل پريس ڪانفرنس

وزيراعظم نواز شريف ۽ بوسنيا جي وزيراعظم جي گڏيل پريس ڪانفرنس

سراجيوو (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وزيراعظم ڊاڪٽر ڊينس زيوزڊڪ واپار، دفاع، زراعت ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ بوسنيا جي سندس هم منصب منسٽرز ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ڊينس زيوزڊڪ پارليامينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ جوائنٽ ڪميشن قائم ڪرڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس پنهنجي هم منصب سان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پاڪستان بوسنيا هرزيگووينا جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دوستن ۽ خيرخواهن جو خوبصورت ۽ تاريخي شهر سراجيوو جو دورو انتهائي خوشگوار آهي. بوسنيا هرزيگووينا جي حڪومت پاران پاڪستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اسان کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اعليٰ سطحي وفد جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته بوسنيا سان سندس ڳالهه ٻولهه انتهائي تعميري رهي آهي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، زراعت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. نواز شريف چيو ته ملاقات دوران پاڪستان کي درپيش توانائي جي بحران ۽ بجلي جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ڪوئلي جا وسيع ذخيرا موجود آهن جڏهن ته بوسنيا کي هائيڊل جي شعبي ۾ وسيع تجربو حاصل آهي جنهن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته ملاقات دوران پاڪستان ۽ بوسنيا ۾ موٽروي ۽ هاءِ وي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ تعمير تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته بوسنيا ۾ ڪاٺ، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ پيداوار انتهائي شاندار آهي. هن بوسنيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پاڪستانين کي سندن ملڪ ۾ نمائش ۾ پنهنجي مصنوعات ڏيکارڻ جي لاءِ گهرايو. هن سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن تي ويزا جي پابندي جي خاتمي تي رضامندي تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. هن بوسنيا جي ڪاروباري طبقي ۽ واپاري چيمبرز کي چيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. هن بوسنيا جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي دوستي زندهه آباد. بوسنيا جي وزيراعظم وزيراعظم محمد نواز شريف جي بوسنيا جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ مخلص دوست ملڪ آهي، هن مختلف شعبن ۾ بوسنيا جي مدد ۽ عالمي فورمن تي بوسنيا جي خودمختياري کي تسليم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي معيشت، واپار جي شعبن ۾ لاڳاپا هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، گذريل هڪ سال دوران انهن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته زراعت، ٽيڪسٽائيل ۽ دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جي نشاندهي ڪئي وئي. هن چيو ته انهن ٽن شعبن ۾ تعاون مستحڪم بڻائڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايندڙ سال بوسنيا ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي شرڪت جا اسان ٿورائتا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جو دورو اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.