وزيراعظم محمد نواز شريف جي بوسنيا جي پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات

وزيراعظم محمد نواز شريف جي بوسنيا جي پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات

سراجيوو (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بوسنيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم نواز شريف نمائندن جي ايوان، پارلياماني اسيمبلي بوسنيا هرزيگووينا جي اسپيڪر سيفل ڊافيروڪ سان ملاقات ڪئي. پارليامينٽ ميمبرن جو هڪ وفد به ساڻس گڏ هو. ملاقات دوران پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ تجربن مان هڪ ٻئي کي فائدو پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بوسنيا هرزيگووينا جي پارليامينٽ ميمبرن ۾ باريسا ڪولاڪ، بورجانا، ڪرسٽو ۽ مليڊن بوسڪ شامل هئا جڏهن ته پاڪستان پاران وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي، پاڪستاني سفير لفيٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز ۽ بوسنيا جو سفير نيدم مڪاورڪ پن ملاقات ۾ موجود هئا.