قوم جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي: صدر ممنون حسين

قوم جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي: صدر ممنون حسين

حسن ابدال (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قوم جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، نوجوان ايندڙ دور جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪن ته جيئن مستقبل ۾ پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهن، تعليم ۽ تربيت ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ سرفروش ۽ پرعزم جوانن جي تربيت ۾ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال جي سالياني والدين جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي بورڊ آف دي گورنرز جي چيئرمين ۽ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال جي پرنسپال ميجر جنرل نجيب طارق کانسواءِ شاگردن جي والدين ۽ ٻين مهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ پاڪستان جي دفاع لاءِ سرفروش ۽ پرعزم جوانن جي تربيت ۾ ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اي پي ايس پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهه استاد ۽ ٻار اسان جا محسن آهن، اسان انهن شهيدن جي جرئت ۽ بهادري ۽ ثابت قدمي کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ وچن ڪريون ٿا ته آئنده ڪڏهن به اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين جنهن سان اسان جي ٻارن ۽ پاڪستاني قوم جي ڪنهن شخص جي جان خطري ۾ نه پوي. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو فڪر ۽ طرز سياست اسان جي لاءِ سرمايه افتخار آهي جنهن تي عمل ڪري اسان پنهنجي مسئلن کان ڇوٽڪارو پڻ حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا. صدر چيو ته اسان کي ٻين جو سهارو ڳولڻ بدران پنهنجي پيرن تي پاڻ بيهڻ جي عادت وجهڻي پوندي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان پنهنجون سموريون صلاحيتون ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻين، انهن کي گهرجي ته اهي پاڪستان ۽ ان جي مستقبل بابت اندروني ۽ ٻاهرئين سطح تي ڪيل پروپئگنڊه سان متاثر ٿيڻ کانسواءِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ سربلندي جي لاءِ پوري محنت سان تعليم حاصل ڪرڻ کي جاري رکن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جيڪو پوري خطي جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ اسان جي ٻارن کي پوري طرح تيار رهڻ گهرجي. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني نوجوان هر قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا پر اسان سڀني جي ذميواري آهي ته اسان انهن کي انهن جي ذميوارين جو احساس ڏياريون ته جيئن اهي غلط رستي تي نڪرڻ بدران معاشري جا فعال شهري بڻجي سگهن. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجي طاقت سدائين نيڪي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، بني نوع انسان جي خدمت ۽ معاشرتي براين جي خلاف جهاد ئي اصل ۾ نيڪي ۽ ڀلائي جو درجو رکي ٿي. صدر شاگردن تي زور ڀريندي چيو ته زندگي جي جنهن شعبي ۾ به دلچسپي هجي، ان ۾ جديد علم تائين پهچ حاصل ڪن جيڪا اسان جي پياري ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پوري قوم جون توهان ناب تمام گهڻيون اميدون واڳيل آهن، عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کانپوءِ جنهن شعبي ۾ به توهان کي قوم جي خدمت جو موقعو ملي، پوري ايمانداري سان ملڪ جي خدمت ڪريو. صدر چيو ته تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت کي به نظر ۾ رکو. هن چيو ته پنهنجي استادن ۽ والدين جي سدائين عزت ڪريو. صدر شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي ڪاليج جي انتظاميا کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ تربيت مڪمل ڪندڙ شاگردن کي اعزازن سان پڻ نوازيو.