وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران پرويز مشرف جي انٽرويو ۾ ڏنل ڪمنٽس جي ترديد

وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران پرويز مشرف جي انٽرويو ۾ ڏنل ڪمنٽس جي ترديد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) وزيراعظم هائوس جي ترجمان جنرل (ر) پرويز مشرف جي هڪ انٽرويو ۾ ڏنل ڪمنٽس جي سختي سان ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ پرويز مشرف چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ سندس وچ ۾ اختلاف ان وقت شروع ٿيا جڏهن وزيراعظم کيس سندس ڪمان هيٺ ٻن حاضر سروس ميجر جنرلز کي هٽائڻ جي لاءِ چيو هو. ترجمان چيو ته اهو بيان بلڪل بي بنياد، من گهڙت ۽ غلط آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ اهڙي ڪنهن اشو تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي.