اهڙين جاين تي صنعتي علائقا قائم ڪيا وڃن جيڪي اقتصادي طور تي موزون هجن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اهڙين جاين تي صنعتي علائقا قائم ڪيا وڃن جيڪي اقتصادي طور تي موزون هجن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اهڙين جاين تي صنعتي علائقا قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪي اقتصادي طور تي موزون هجن ۽ انهن سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي وڌ کان وڌ معاشي فائدا حاصل ٿين. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم انهن جاين جي اقتصادي موزونيت ۽ فائدن بابت چيني حڪومت کي تجويزون پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته چين اهم موڙ تي اقتصادي بحالي جي لاءِ پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام چيني قيادت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان پنهنجي ڊگهي مدي وارن اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ۽ پائيدار اقتصادي حصيداري ۾ آڻي رهيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. اجلاس دوران توانائي، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي منصوبن جي لاءِ مقرر ڪيل هدفن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته گوادر ۾ ترقي ۽ سماجي اقتصادي ڀلائي جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم کي چين ۽ پاڪستان جي گڏيل تعاون ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس جي عبوري ايجنڊا بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. سي پيڪ ۾ ڪنهن منصوبي کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار جي وضاحت ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي حتمي منظوري کان اڳ لاڳاپيل ورڪنگ گروپ جي منظوري ٿيندي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪيٽي بندر پراجيڪٽ کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ آئنده جي سي سي ۾ غور جي لاءِ پيش ڪرڻ گهرجي جيئن ته سنڌ حڪومت آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته چيني حڪومت کي انهن منصوبن جي تمام گهڻي اقتصادي موزونيت بابت آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سمورن وڏن وزيرن سان انهن جي صوبن ۾ صنعتي زونز جي جاين کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ مشاورت ڪري. اجلاس کي ڪوئلي، پاڻي، هوا، سج جي روشني سان توانائي سميت سي پيڪ تحت توانائي منصوبن ۽ ٽرانسميشن لائينن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته رستي، ريل، هوابازي ۽ ڊيٽا ڪنيڪٽويٽي سميت بنيادي ڍانچي جي منصوبن تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، بندرگاهن ۽ جهاز راني واري وفاقي وزير مير حاصل بزنجو، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.