پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ دوستي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ دوستي ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي: صدر ممنون حسين

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 17دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين ۽ چيني صدر زي جن پنگ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۽ خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڏينهون ڏينهن مضبوط ۽ نسل درنسل اڳيان وڌي رهي آهي. صدر اها ڳالهه ڪالهه ڇنڇر ڏينهن مزار قائد جي رنگ روغن ۽ چين پاران تحفي ۾ ڏنل خوبصورت فانوس کي روشن ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي چين جي سفير چين جي صدر جو پيغام پڙهي ٻڌايو. صدر ممنون حسين چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جمهوري آزادين، سماجي انصاف، معاشي ترقي ۽ پاڪستان جي استحڪام جي لاءِ جيڪو فڪر ڏنو اسان ان جي روشني ۾ پنهنجا قومي مقصد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهيون. صدر چيو ته چين جي دوستي اسان جو قيمتي اثاثو آهي ۽ هي تحف هن دوستي جي هڪ خوبصورت علامت آهي، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل دوستي، هڪ ٻئي جي خوشين ۾ شرڪت ۽ بزرگن جي احترام جي روايت آهي جنهن تحت عوامي جمهوريه چين مزار قائد جي لاءِ هي تحفو ڏنو آهي. هن چيو ته نيڪ نيتي جي بنياد تي محبت ڪندڙ ٻن قومن جي وچ ۾ اهڙي قسم جا تحفا هڪ علامت جي حيثيت رکن ٿا جنهن سان ٻنهي قومن جي وچ ۾ محبت ۾ اضافو ٿئي ٿو، هي تحفو به ان ئي روايت جو تسلسل آهي جيڪا وزيراعظم چي اين لائي قائم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين عالمي امن ۽ دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) خطي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ پاڪ چين دوستي مضبوط کان مضبوط ٿي رهي آهي. صدر چيو ته جيڪو باباءِ قوم قائداعظم جي مزار جي لاءِ پاڪستان جي عظيم دوست ۽ ڏاهي چو اين لائي 1970ع ۾ فانوس جو تحفو موڪليو هو جيڪو باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ پاڪستاني عوام سان عوامي جمهوريه چين جي اڳواڻن ۽ عوام جي محبت جو عڪاس آهي. ان موقعي تي صدر مزار قائد جي لاءِ ان خوبصورت ۽ محبت ڀريل تحفي تي چين جي صدر ۽ چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن مزار قائد تي مهمانن جي ڪتاب تي تاثرن ۾ باباءِ قوم کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مزار قائد جي بهتر سارسنڀال تي انتظاميا کي شاباس ڏني. ان موقعي تي چين جي سفير سن وي ڊونگ چين جي صدر زي جن پنگ جو پيغام پڻ پڙهي ٻڌايو. چين جي صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي نسل درنسل هلندي، ٻنهي ملڪن جي دوستي خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم آهي. آئون پاڪ چين لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيان ٿو. اچو هٿ ۾ هٿ ڏئي پاڪ چين آل ويدر دوستي ۽ تعاون کي پنهنجي عوام جي مفاد ۾ وڌيڪ مستحڪم بڻايون. ان موقعي تي وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي صلاحڪار عرفان صديقي پڻ خطاب ڪيو. صدر چين جي سفير، چين جي ڪمرشل ڪونسلر، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري ڊويزن جي جوائنٽ سيڪريٽري جنيد، مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي انجنيئر عارف چوڌري ۽ فانوس ٺاهيندڙ ڪمپني جي نمائندي کي شيلڊز ڏنيون. سنڌ جو سينئر وزير نثار کهڙو ۽ ڪراچي جو ميئر وسيم اختر پڻ تقريب ۾ موجود هئا.