سمنڊ ۽ پاڻي وهڪرا پاڪستان جي طاقت آهن: صدر ممنون حسين

سمنڊ ۽ پاڻي وهڪرا پاڪستان جي طاقت آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته سمنڊ ۽ پاڻي وهڪرا پاڪستان جي طاقت آهن ۽ پاڪستان ان مان فائدو کڻڻ ڄاڻي ٿو، سامونڊي واپار جي فروغ جي لاءِ فني سگهه تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي. صدر اها ڳالهه ڪراچي ۾ پاڪستان ميري اڪيڊمي جي ٽيونجاهين (53) دستي جي پاسنگ آئوٽ کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پورٽس اينڊ شپنگ وارو وفاقي وزير مير حاصل خان بزنجو، پورٽس اينڊ شپنگ وارو وفاقي سيڪريٽري خالد پرويز، ڪمانڊٽ پاڪستان ميرين اڪيڊمي ڪموڊور اڪبر نقي پن موجود هئا. صدر چيو ته دنيا ۾ اهي قومون ڳاٽ اونچو ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجا قومي مقصد پورا ڪري سگهن ٿيون جيڪي پنهنجي جاگرافيائي ۽ وسيلن قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دانشمندي سان استعمال ڪن ٿيون. هن چيوته اسان جو ملڪ ۽ هي خطو آزمائشن جي گذرڻ کانپوءِ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي استحڪام جي شعبن ۾ هڪ ڀرپور اڏام جي لاءِ سوچي رهيو آهي جنهن ۾ اسان کي چين جو تعاون حاصل آهي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تعمير ۽ ترقي جي شعبي ۾ هڪ عظيم انقلاب برپا ٿيندو. ان لنگهه سان لينڊ لاڪڊ ملڪن ۽ وچ ايشيا کي به دنيا جي ٻين خطن تائين پهچ ملي سگهندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو اولهندي چين کي گوادر سان ڳنڍيو آهي جنهن سان دنيا جو هڪ وڏو حصو هن خطي سان ڳنڍجي ويو آهي. صدر ممنون حسين چيو ته اقتصادي لنگهه جي روٽ ۾ هڪ انچ جي به تبديلي نه ڪئي وئي. ان منصوبي سان وچ ايشيا جون رياستون پڻ فائدو کڻڻ جي منصوبابندي ڪري رهيون آهن جنهن مان ان جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. صدر چيو ته سمنڊ ۽ سامونڊي رستا قومن جي معيشت ۽ ان جي استحڪام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. وقت گذرڻ سان گڏ سمنڊن جي طاقت ۽ اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. پاڪستان ميرين اڪيڊمي قائم ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته ملڪ جي سامونڊي واپار ۽ جهاز راني جون ذميواريون پاڻ اسان جا ٻار سنڀالي سگهن. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ميرين اڪيڊمي اهو ڪم پوري ذميواري سان سرانجام ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي باهمت ۽ پرعزم قوم شدت پسندي ۽ دهشتگردي جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي ۽ ان جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي عوام جي جرئتمندي ۽ هٿياربند فوج جي قرباني جي جذبي تي فخر آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ عنصر ۽ قوتون منفي طرزعمل ختم ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته هر قسم جي شڪ ۽ منفي پروپئگنڊه کي ناڪام بڻائي پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ اسان سڀ گڏ ٿي وڃون. صدر چيو ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي جي ذميوارن مختصر وقت دوران قدر جوڳا ڪم ڪيا آهن جيڪي اسان جي نوجوانن جي پيشيواراڻي تربيت کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا. هن چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ميرين اڪيڊمي مان فارغ ٿيندڙ آفيسرن جي ذميوارين ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ميرين اڪيڊمي، وزيراعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت پڻ نوجوانن کي تربيت ڏئي رهي آهي جيڪا هڪ قومي خدمت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه دوست ملڪ ميرين سائنسز جي شعبي ۾ تربيت جي لاءِ پنهنجي نوجوانن کي پاڪستان موڪلڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته ڀائر اسلامي ملڪ مالديپ جا ڪيڊٽس آئنده ڪورس ۾ شريڪ به ٿي رهيا آهن جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي. صدر ممنون حسين چيو ته هن عظيم ڪم ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن کي گهرجي ته اهي منفي طرزعمل رد ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ اسان سان تعاون ڪن. صدر ان موقعي تي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيڊٽس کي اعزاز پڻ ڏنا. صدر پاڪستان ميرين اڪيڊمي مان فارغ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.