وفاقي ڪابينا فاٽا ريفارمز رپورٽ جي منظوري کي وڌيڪ مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا فاٽا ريفارمز رپورٽ جي منظوري کي وڌيڪ مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 15دسمبر2016ء) وفاقي ڪابينا فاٽا ريفارمز رپورٽ جي منظوري کي وڌيڪ مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، فاٽا ريفارمز ڪميٽي جي يو آءِ (ف) ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي سان فاٽا ريفارمز جي حوالي سان ٻيهر ملاقاتون ڪندي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ڪابينا فاٽا ريفارمز ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته پهريون ڀيرو فاٽا ريفارمز جي حوالي سان ايتري تفصيلي رپورٽ جوڙي وئي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ سرحدي ۽ رياستن معاملن واري وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ وزيراعظم آفيس جي آڊيٽوريم ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي پي آءِ اي جهاز حادثي ۽ ڪراچي ۾ نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا جي اجلاس ۾ فاٽا ريفارمز رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايوته فاٽا ريفارمز جي حوالي سان ماضي ۾ رڳو ڳالهيون ٿينديون رهيون، پهريون ڀيرو موجوده حڪومت ۾ فاٽا ريفارمز جي حوالي سان تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. فاٽا ريفارمز ڪميٽي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري اها رپورٽ جوڙي آهي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو فاٽا ريفارمز تي قائم ڪميٽي سفارشون فاٽا جي اندر ويهي ٺاهيون جنهن ۾ سينيٽرن، ايم اين ايز، مقامي نمائندن، سول سوسائٽي سان پڻ مشاورت ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا فاٽا ريفارمز ڪميٽي جي مڪمل سرگرمين، سمورين ڌرين سان مشاورت ۽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پهريون ڀيرو فاٽا سڌارن جي حوالي سان تفصيلي تجويزون جوڙيون ويون آهن. وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ ٻڌايو ته فاٽا ريفارمز ڪميٽي حتمي تجويزون ڪابينا آڏو پيش ڪيون آهن. ڪميٽي جي تجويزن ۾ فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ مرحليوار 5 سالن جي مدي ۾ ضم ڪرڻ، 10 سالا ترقياتي منصوبا ٺاهڻ، مستقل وسيلن جو بندوبست ڪرڻ ۽ اين اين ايف سي ڊيوريبل پول جو ٽي سيڪڙو 10 سال لاڳيتو فراهم ڪيو وڃي ته جيئن فاٽا به ترقياتي ڪمن جي حوالي سان باقي صوبن جي برابر اچي وڃي. هن ٻڌايو ته جي يو آءِ (ف) ۽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي فاٽا ريفارمز رپورٽ ۾ اختلافي نوٽ لکيو آهي. وفاقي وزير اڪرم خان جي يو آءِ (ف) جي نمائندي طور تي موجود هو ۽ هن ضم ڪرڻ جي مخالفت نه ڪئي پر هن اهو چيو ته جي يو آءِ (ف) پاران گهرايل جرڳي جي سفارشن کي به شامل ڪيو وڃي. هن چيوته فاٽا ريفارمز ڪميٽي فاٽا جي 7 ايجنسين جا دورا ڪيا ۽ اتي 16 جرڳا پڻ منعقد ڪيا. ڪميٽي پاران گهرايل جرڳن ۾ 400 کان 500 نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ٻين وڏن جرڳن ۾ ڪاروباري شخصيتن، واپارين، وڪيلن، شاگردن جو موقف پڻ ٻڌو ويو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪابينا جي اجلاس ۾ پڻ اهو چيو ته ان معاملي تي سمورين ڌرين کي آن بورڊ وٺڻو آهي. هن چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ اين ايف سي ۾ ڊوريبل پول جو ٽي سيڪڙو لاڳيتو 10 سال ڏنو وڃي، ان جي لاءِ اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃي رهيا آهيون ڇو ته ان جو تعلق اين ايف سي ايوارڊ سان آهي. انهي اجلاس ۾ ان جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته فاٽا ريفارمز تجويزن جي روشني ۾ 2018ع جي عام چونڊن ۾ فاٽا جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ڪي پي ڪي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا فاٽا ريفارمز رپورٽ جي منطوري وڌيڪ مشاورت جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪميٽي کي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري تجويزن کي اتفاق راءِ سان حتمي شڪل ڏني وڃي. هن چيو ته اسان جي رپورٽ ۾ فاٽا جي 8 سينيٽرن ۽ 11 قومي اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن، فاٽا جي عوام به اهو چاهي ٿي ته انهن کي به ايف سي آر قانون ۽ غربت مان ڪڍيو وڃي. هن چيو ته ڪي پي ڪي اسيمبلي پاران فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ جي قرارداد جي آجيان ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهڻ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2017ع تائين اڳ ۾ ئي واڌ ڪئي وئي آهي.