اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرف آخر ناهي هوندي، ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙن سان ويهي سگهون ٿا ته تحريڪ انصاف سان ويهڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي، آصف علي زرداري کي برو چوڻ ۽ مون کي ڊبل شاهه چوڻ ننڍيون ڳالهيون آهن، اسان عوام جي فائدي جي لاءِ انهن ڳالهين کي معاف ڪريون ٿا. ڪالهه اربع ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي چيمبر ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان کي مخالف ڌر جي حيثيت سان اهو خيال رکڻو آهي ته عوامي امنگن کي ڌچڪو نه لڳي، سياست ۾ ڪا ڳالهه حرف آخر ناهي هوندي، جن ماڻهن اسان کي جيلن ۾ وڌو اسان انهن سان گڏ به ويٺاسين ۽ انهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪردار به ادا ڪيو، اسان کي ڏسڻو آهي ته عوام جو فائدو مخالف ڌر جي ورڇ ۾ آهي يا متحد ٿيڻ ۾، اسان کي ملڪ جي يڪجهتي وڌيڪ اهم آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙن سان گڏ ويهي سگهون ٿا ته تحريڪ انصاف سان گڏ ويهڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي. خورشيد شاهه چيو ته عوام جي خواهشن جو خيال رکڻو پوندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري کي برو چوڻ ۽ مون کي ڊبل شاهه چوڻ ننڍيون ڳالهيون آهن، اسان عوام جي فائدي جي لاءِ انهن ڳالهين کي معاف ڪريون ٿا.
سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرف آخر ناهي هوندي: سيد خورشيد شاهه
9 سال پھريان
