سيد خورشيد شاهه سان شاهه محمود قريشي جي ملاقات

سيد خورشيد شاهه سان شاهه محمود قريشي جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14دسمبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قومي سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پاران تحريڪ استحقاق جمع ڪرائڻ ۽ تحريڪ انصاف پاران پارليامينٽ ۾ پاناما معاملي بابت اختيار ڪيل موقف تي غور ڪيو ويو.