ٻن سالن دوران نوڪرين بابت ٻه شڪايتون مليون آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

ٻن سالن دوران نوڪرين بابت ٻه شڪايتون مليون آهن: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14دسمبر2016ء) ٽيڪسٽائيل واري وزارت پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻن سالن دوران نوڪرين بابت ٻه شڪايتون مليون آهن. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته محمد اسد سنڌ اربن جي ڪوٽا تي يو ڊي سي طور مقرري ۽ ڊوميسائيل جعلي هجڻ ۽ عالم خان کي يو ڊي سي ڀرتي ڪرڻ ۾ نظرانداز ڪرڻ جي شڪايت ملي آهي. ڊوميسائيل جعلي هجڻ جي شڪايت تي تصديق جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڏانهن ڪيس موڪليو ويو جنهن ڊوميسائيل جي تصديق ڪري ڇڏي. ٻي شڪايت ڪندڙ شخص لکت واري امتحان ۾ 62 نمبر حاصل ڪيا ۽ ڀرتي ٿيندڙ شخص جا 66 نمبر آهن.