صدر کي 7 ملڪن جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون

صدر کي 7 ملڪن جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون

اسلام آ باد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين کي پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ 7 ملڪن جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر ۾ ڪالهه اربع ڏينهن منعقد ٿيندڙ هڪ پروقار تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪندڙن ۾ يمن، ڪويت، رومانيا، مالي، ڪولمبيا، موريطانيه ۽ البانيه جا سفير شامل هئا. ان کان اڳ هر ملڪ جي نامزد سفير کي بگهي تي جدا جد ايوان صدر جي مرڪزي دوراز تي آندو ويو جتي کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي لاڳاپيل ملڪ ۽ پاڪستان جو قومي ترانو پڻ وڄايو ويو. ان کانپوءِ نئين مقرر ٿيندڙ سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، خاص طور تي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا تمام اهم آهن. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هر ملڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جن مان سيڙپڪارن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. صدر چيو ته ضرب عضب آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اهو آپريشن جاري رهندو. صدر پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ سفيرن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. سفارتي سندون پيش ڪندڙ سفيرن ۾ يمن جو سفير محمد موتهرالسابي، ڪويت جو نصر عبدالرحمان جاثرال مهوتهري، رومانيا جو نڪولاگويا، مالي جو بوبڪر گوروديال، ڪولمبيا جو جوهان الفريڊو پينٽو سويڊرا، مورطانيا جو سيدي محمد لڪطاف ۽ البينا جو جينيٽي گيزيلي شامل هئا.