عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

تربت - 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي کي اقتدار تائين پهچڻ جو واحد رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ سنجيده قيادت جي ضرورت هوندي آهي، ڪجهه ماڻهو نوجوانن ۾ بيچيني پيدا ڪري اقتدار تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهڙا ماڻهو نه رڳو پنهنجو چهرو پر معاشري کي به گندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جن جو ڪم ڪچرو اڇلائڻ هجي اهي قوم جي تعمير نه ٿا ڪري سگهن، پاڪستان جي عوام هاڻي 2018ع ۾ فيصلو ڪندي ته ڪير سندن بهتر خدمت ڪري رهيو آهي، 3 سالن ۾ مضبوط پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو آهي اڄ پاڪستان تمام بهتر حالت ۾ آهي، ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رستن جي تعمير ۽ ترقي جو عمل جاري آهي. هو ڪالهه اربع ڏينهن هتي 448 ڪلوميٽر ڊگهي اين 85 سوراب هوشاب رستي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله خان زهري، بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، سينيٽر حاصل بزنجو کانسواءِ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ عامر رياض، ڊي جي ايف ڊبليو او ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم هوشاب آواران لسٻيلا روڊ جي تعمير ۽ پنجگور کان پروم تائين 40 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جي منصوبن جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته کيس بلوچستان ۾ رستن جي تعمير جي منصوبن جي تمام گهڻي خوشي آهي. پاڪستان جو هي حصو ترقي جي جنهن دور مان گذري رهيو آهي ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اڄ هڪ نئون بلوچستان ٺهي رهيو آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته هڪ نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي. بلوچستان ۾ بي مثال ترقي ٿي رهي آهي. جيڪي رستا تعمير ڪيا پيا وڃن انهن مان ڪجهه سي پيڪ جو حصو آهن ۽ ڪجهه اسان پاڻ ٺاهي رهيا آهيون. رستن جي تعمير جي منصوبن تي اربين کربين رپيا لڳي رهيا آهن پر اسان کي انهن اربين کربين لڳڻ جي تمام گهڻي خوشي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ رستن جي تعمير سان اسان بلوچستان تي ڪا مهرباني نه ڪري رهيا آهيون، اهو صوبي جي عوام جو حق ۽ حڪومت جو فرض آهي ۽ اسان کي صوبي جي لاءِ ان کان وڌيڪ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته خنجراب کان گوادر تائين جا علائقا رستن ذريعي ڳنڍجڻ سان اقتصادي سرگرميون وڌنديون، بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته هي هڪ ڪنهن هڪ رستي جي تعمير نه آهي پر گيم چينجر منصوبو آهي ۽ ان سان ترقي جا رستا کلندا. رستا ٺهڻ سان اسڪول ٺهندا ۽ اسڪول ۽ يونيورسٽيون ٺهڻ سان تعليم جا موقعا پيدا ٿيندا. رستا ٺهڻ سان اسپتالون ٺهنديون ۽ ماڻهن کي علاج ۽ صحت جون سهولتون ملنديون، رستا ٺهڻ سان فيڪٽريون ٺهنديون، ماڻهن کي روزگار ملندو، آبادگارن جي منڊين تائين پهچ بهتر ٿيندي ۽ صوبي ۾ اقتصادي ترقي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته هر نئون رستو هڪ نئين منزل جو پتو ڏي ٿو، هر نئين رستي سان اميد جو هڪ نئون ڏيئو ٻري ٿو، بلوچستان ۾ اميد جا اڻ ڳڻيا ڏيئا روشن ٿي رهيا آهن، هوشاب سوراب روڊ به هڪ روش ڏيئو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، آئون ماضي جي تلخ داستانن کي بار بار ورجائڻ نه ٿو چاهيان ته ڪهڙي طرح صوبي کي ترقي کان محروم رکيو ويو. اسان ماضي کي ۽ صوبي جي حالتن کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان جي عوام کي به ترقي جو اهو ئي حق حاصل آهي جيڪو ڪراچي، لاهور ۽ پشاور جهڙن شهرن جي عوام کي حاصل آهي. هن چيو ته صوبي جي ترقي جو خواب هاڻي تعبير ٿي رهيو آهي، امڪان حقيقت بڻجي چڪو آهي ۽ ان جي هڪ گواهي هوشاب سوراب روڊ آهي. هن چيو ته ان رستي جي تعمير سان گوادر بندرگاهه نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍجي ويندو، سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو هي سڀ کان گهٽ ترين فاصلو آهي. هي رستو رابطي ۽ سي پيڪ جو اهم حصو آهي. ڪوئيٽا کان گوادر تائين ٻه ڏينهن لڳندا هئا هاڻي جيڪڏهن فجر کانپوءِ ڪوئيٽا کان نڪرجي ته ٻنپهرن تائين گوادر پهچي سگهجي ٿو اها تبديلي آهي ان کي نئون پاڪستان چوندا آهن. هن چيو ته هن منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ايف ڊبليو کي اين ايڇ اي جو پورو تعاون حاصل رهيو آهي ۽ گهٽ کان گهٽ مدي ۾ هي رستو تعمير ڪيو ويو آهي. 5 سالن کان وڌيڪ جي ڪم کي سوا ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان تي تمام گهڻي رقم خرچ ٿي آهي، هي 22 ارب جو منصوبو آهي، هن رستي جي تعمير ۾ ايف ڊبليو جي جوانن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جو رت شامل آهي جن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، ترقي جو هي منصوبو پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي مڪمل ڪيو ويو آهي اهي قربانيون تاريخ ۾ لکيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ترقي جو عمل جاري آهي ۽ رستا تعمير ڪيا پيا وڃن. الله تعاليٰ جو ٿورائتا آهيان جو جنهن اسان کي هن ڪم جي توفيق عطا فرمائي. خنجراب کان گلگت بلتستان ۽ مانسهره تائين به رستو ٺهي رهيو آهي اهو به اهڙي طرح جو لنگهه آهي ان جا ثمر به عوام کي ملندا. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو وڃايو ويو. هن چيو ته جنهن وٽ ويزن هوندو آهي اهو ئي اهڙي طرح جو ڪم ڪندو آهي. الله تعاليٰ اسان کي انهن منصوبن جو ويزن عطا ڪيو آهي اسا رڳو رستا نه ٺاهي رهيا آهيون پر ملڪ ۾ ميٽرو بسن ۽ گرين ٽرينن کانسواءِ ريلوي کي به اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. بجلي جا ڪارخانا لڳي رهيا آهن ۽ بجلي جي کوٽ ختم ٿي رهي آهي. هن چيو ته رستا عوام کي ترقي جي وجهو آڻين ٿا، ٻارن جو اسڪولن جو فاصلو گهٽ ڪن ٿا، آبادگارن کي منڊين تائين پهچ ڏين ٿا، مريضن ۽ اسپتالن جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿين ٿا ۽ مزدورن جو روزگار سان رشتو ڳنڍين ٿا، سطحي ۽ ويزن کان محروم ماڻهو انهن امڪانن کي نه ٿا ڏسي سگهن جيڪي رستن جي تعمير سان واڳيل هوندا آهن. هن چيو ته سي پيڪ دوستن ۽ دشمنن سڀني جو ڌيان ڇڪرايو آهي. دوست خوش ۽ سي پيڪ جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند ۽ دشمن نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اهي ماڻهو عوام کي ڇا ڏيندا جيڪي رستن جي تعمير ۾ لڪل امڪانن کي سمجهڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نوجوانن ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ سان اهي اقتدار تائين پهچي ويندا پر عوامي خدمت جي رستي تي هلندي ئي اقتدار تائين پهچي سگهجي ٿو جيڪو به اقتدار تائين پهچڻ چاهي ٿو ان وٽ اهو ئي واحد رستو آهي. هن چيو ته عوام فيصلو ڪندي ته ڪير خدمت جي رستي تي گامزن آهي ۽ ڪير نوجوانن جي جذبن سان کيڏي اقتدار تائين پهچڻ چاهي ٿو. اهو فيصلو 2018ع ۾ ٿي ويندو. هن چيو ته جن جو ڪاروبار ئي گند اڇلائڻ هجي اهي قوم کي رڳو تفريح ڏئي سگهن ٿا تعمير نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان هڪ شائسته قوم ۽ روايتن کي مڃندڙ ماڻهو آهيون وڏن جي عزت ۽ ننڍن تي شفقت اسان جي معاشري جو حصو آهي ۽ اسان جون پنهنجون تهذيبي روايتون آهن جن ۾ ٻين کي مخاطب ڪرڻ جا به آداب آهن. هن چيو ته روايتون برباد ڪندڙن کي تاريخ ننگ اسلاف جي نالي سان ياد ڪندي آهي اسان کي نئين نسل جي اخلاق جي تعمير ڪرڻي آهي، قومون رڳو مادي قوت سان ناهن زندهه رهنديون پر ان جي لاءِ اخلاقي قوت جي به ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اسان نئين پاڪستان جي مضبوط بنياد رکي ڇڏي آهي. 2016ع جو پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان مختلف آهي ۽ 2018ع جو پاڪستان 2016ع جي پاڪستان کان مختلف هوندو. هن چيو ته بجلي جو بحران ختم ٿي رهيو آهي، هاڻي ڊگهي لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي، معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي چڪي آهي، عالمي برادري پاڪستان کي روشن امڪانن جي دنيا جي طور تي ڏسي رهي آهي، ترقي جو رخ هاڻي غيرترقي يافته علائقن ۽ بلوچستان طرف آهي هي نئون پاڪستان آهي، اسان سڀني کي گڏجي هن پاڪستان کي تعمير ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ مون کان هوشاب، آواران، لسٻيلا روڊ جي تعمير جو مطالبو ڪيو آهي. مون وڏي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ان رستي جي تعمير ڪندا. آئون هن موقعي تي ان منصوبي جي منظوري جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته سوراب هوشاب 448 ڪلوميٽر روڊ رڳو ڪوئيٽا ۽ گوادر جو فاصلو گهٽ نه ڪندي پر هي ڪوئيٽا کان اڳيان سرائي مغل ڪوٽ حسن ابدال هڪلا ۽ ان کان اڳيان خنجراب تائين رابطي جو رستو قائم ڪندو ۽ ان ذريعي سياح به ايندا ۽ واپاري ۽ اقتصادي ترقي کي پڻ فروغ ملندو. وزيراعظم ان موقعي تي پنجگور کان پروم تائين 40 ڪلوميٽر رستي جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو ۽ چيو ته هن رستي جي تعمير سان علائقي ۾ بهتري ايندي ۽ ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.