مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10دسمبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ هر موڙ تي يوٽرن ورتو ۽ موقف بدلايو، سندس موقف بدنيتي، ڪوڙ، ۽ الزام تي آهي جنهن کي هو هر وقت بدلائيندا رهن ٿا، ڌمڪيون ڏئي عدالت کان فيصلا ڪرائڻ جي عجيب روايت رکي پئي وڃي، ماڻهو اسان جو رويو ڏسن ۽ پوءِ تحريڪ انصاف جو رويو ۽ موقف ڏسن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته قوم اسان جي مخالف پي ٽي آءِ اي جو رڪارڊ ڏسي ته هرموقف تي يوٽرن، هر هفتي موقف تبديل ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام هڻڻ ان جي لاءِ آسان آهي ڇو ته سندن موقف ڪمزور هو جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جو شروع کان هڪ ئي موقف هو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، اڄ سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪميشن ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين. هن چيو ته ڪميشن ٺاهڻ جو موقف پي ٽي آءِ پاڻ سپريم ڪورٽ کڻي وئي ۽ چيو هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته اسان لاڪ ڊائون ۽ ڌرڻو هڻنداسين ۽ اڄ اها ئي پي ٽي آءِ چئي رهي آهي ته ڪميشن ٺهي ته اسان بائيڪاٽ ڪنداسين اهو ڪهڙي قسم جو قوم سان مذاق آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن ۾پي ٽي آءِ آئيني ادارن تي پريشر ۽ انهن جي تذليل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڪيو ۽ اڄ به هو اهي ئي هٿڪنڊا استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو پهرين ڏينهن کان هڪ ئي موقف رهيو آهي ڇو ته اهو موقف حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل هو جڏهن ته پي ٽي آءِ هر موڙ تي يوٽرن ورتو ۽ موقف بدلايو ڇو ته سندن موقف بدنيتي، ڪوڙ ۽ الزامن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته ڌمڪيون ڏئي عدالت کان فيصلا ڪرائڻ جي عجيب روايت وڌي پئي وڃي، عوام اسان جو رويو ڏسي ۽ پوءِ مخالفن جو رويو ڏسي.