عمران خان جو انتشار ۽ الزامن جي سياست تي ٻڌل موقف سدائين تبديل ٿيندو رهندو آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

عمران خان جو انتشار ۽ الزامن جي سياست تي ٻڌل موقف سدائين تبديل ٿيندو رهندو آهي: مملڪتي وزير مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10دسمبر2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو انتشار ۽ الزامن جي سياست تي ٻڌل موقف سدائين تبديل ٿيندو رهندو آهي، اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪميشن بڻائڻ جي لاءِ ڪيو پئي ويو پر سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ان کان انڪار ڪري ڇڏيو، عمران خان جو موقف آئيني ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ اسان جو مضبوط ڪرڻ آهي، عوام جي عدالت ۾ فيصلو ان جي حق ۾ هوندو جيڪو ان جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻندو، مائونٽين فلم فيسٽيول منعقد ڪرڻ خوش آئنده آهي، ملڪ ۾ فلمي صنعت جي بحالي وقت جي اهم ضرورت آهي، سئنيما انڊسٽري جي بحالي تي وزيراعظم خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ وزيراعظم جلد فلم انڊسٽري ۽ ثقافت جي فروغ لاءِ فنڊ جو اعلان ڪندو، پاڪستاني ثقافت ۾ هر قسم جا رنگ موجود آهن، شاگردن ۽ نوجوان نسل کي پاڪستان جي ثقافت سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آءِ ايم ايف ايف 28 مختلف فلمون ڏيکاريون وينديون جيڪي ٻارن ۽ فيملين کانسواءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي به ڏسڻ گهرجن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪستان نيشنل آف دي آرٽ (پي اين سي اي) ۾ ٻئي پاڪستان انٽرنيشن مائونٽين فلم فيسٽيول (آءِ ايم ايف ايف) جي موقعي تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته دهشتگردي پاڪستان کي متاثر ڪيو آهي جنهن سبب ماڻهن کي مثبت تفريح جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ ان حوالي سان ماڻهن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف مون کي سڀ کان اڳ فلم جي صنعت لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي لاءِ چيو ۽ هن هدايت ڪئي ته فلم انڊسٽري جي مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن. مملڪتي وزير چيو ته پي اين سي اي تحت جلد آرٽسٽ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو ۽ سمورن حصيدارن جي مشاورت سان پاڪستان جي ثقافت، فلم ۽ سئنيما جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ پاليسي جوڙي ويندي. اهڙي طرح وزيراعظم نيشنل آرٽسٽ فنڊ پڻ قائم ڪيو ويندو جنهن جو مقصد مقامي فنڪارن کي وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته نيشنل فلم ايوارڊ جي بحالي جو اعلان پڻ جلد ڪيو ويندو جنهن سان فلم، سئنيما ۽ پروڊڪشن جي شعبن جي بحالي ٿيندي ۽ ملڪ ۾ تفريح جي صنعت کي فروغ ملندو. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سئنيما انڊسٽري کي استحڪام ڏئي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ڇو ته فلم ۽ سئنيما ذريعي عالمي برادري ۾ پاڪستان جي حقيقي ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي فلم انڊسٽري وڏي مستحڪم هئي جنهن تمام سٺيون فلمون ٺاهيون تنهن هوندي به گذريل 15، 20 سالن کان ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي آهي، ماضي جي فلمن ۾ نيشنل ازم جي جهلڪ نظر ايندي هئي، هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ نيون فلمون ٺهنديون ته نوجوان طبقو تجربيڪار ماڻهن سان گڏجي فلم ٺاهيندو جنهن سان شعبي ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته وزيراعظم فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان حوالي سان قومي سطح تي ٺوس پاليسي جوڙي ويندي جنهن سان شعبي جي بحالي ٿي سگهندي. هن چيو ته پنهنجي ثقافت جو فروغ اسان سڀني جي ذميواري آهي جڏهن ته هر شعبي ۾ قومي ثقافت جي عڪاسي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ماڻهو مثبت تفريح فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن فلمي صنعت جي بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي جيڪا امن امان سبب بڻجندي. مملڪتي وزير چيو ته سينيٽر پرويز رشيد جو مسلم ليگ (ن) سان تعلق ايترو پراڻو آهي جيتري (ن) ليگ، سندس جمهوريت جي لاءِ جدوجهد آهي ۽ سندس لفظ مسلم ليگ (ن) جي ترجماني ڪن ٿا ۽ هو (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ سينيٽر آهي. مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم ملڪ جي عوام جي لاءِ سچي جذبي سان خدمت ڪئي ۽ سندس هر حڪومت ۾ ملڪ ترقي ڪئي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري ٿي آهي. لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ گهٽتائي پڻ سندس ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي. اهڙي طرح ملڪي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بحالي به سندس ڪارنامو آهي ۽ ملڪ ۾ صحت جو پهريون پروگرام پڻ وزيراعظم ڏنو. هن چيو ته ملڪ کي نواز شريف جي ضرورت آهي جڏهن ته عمران خان پنهنجو موقف روزانو بدلائي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو سندس سياست ڪوڙ ۽ انتشار تي ٻڌل آهي. ان کان اڳ آءِ ايم ايف ايف جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جبلن جي ڌرتي هماليه سان تعلق هجڻ تي فخر آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف ايف تحت ملڪ جي نوجوان طبقن ۽ پهاڙي علائقن ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن سان فلم ۽ سئنيما جي صنعت جي بحالي ۽ فروغ ۾ مدد ملي سگهجي ٿي. هن چيو ته ايندڙ سال شروع ٿيڻ تي آرٽسٽ ڪنوينشن منعقد ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم آرٽسٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته حڪومت فلم سازي جي شعبي سان لاڳاپيل پروڊيوسرز ۽ پروڊڪشن جي مسئلن جي خاتمي لاءِ مدد فراهم ڪندي ۽ وزيراعظم جي منصوبي تحت ملڪ ۾ سئنيما ۽ فلم جي صنعت جي مجموعي بحالي ٿيندي. هن چيو ته حڪومت جي نئين پاليسي تحت جنوري يا فيبروري 2017ع ۾ منعقد ٿيندڙ آرٽسٽ ڪنوينشن ۾ سڄي ملڪ جا آرٽسٽ شرڪت ڪندا ۽ انهن جي گڏيل مشاورت سان فلم جي صنعت کي بحال ڪيو ويندو. مريم اورنگزيب چيو ته فلم اسان جي سماجي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪري ٿي جنهن سان ملڪي ثقافت جي واڌويجهه ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾پهاڙن کانسواءِ ميدانن ۽ ساحلن جي پڻ وسيع ثقافت انتهائي اهميت واري آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ جي عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قومي ثقافت ۽ ورثي کي ترقي ۽ فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته فلم ۽ سئنيما جي صنعت لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ فنڪارن جي حڪومت ڀرپور مدد ڪندي. هن تجويز ڏني ته پي اين سي اي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏيل معاهدا ڪري ته جيئن مستقبل ۾ فلم ۽ سئنيما جي صنعت ۾ فروغ جي لاءِ مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو آبادي جو تعلق 45 سال کان گهٽ عمر ماڻهن سان آهي ۽ ملڪ جي نوجوان طبقي کي ثقافتي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻو پوندو. هن آءِ ايم ايف ايف جي انتظاميا کي چيو ته فيسٽيول جي وقت ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شاگردن ۽ نوجوانن کي پڻ شريڪ ڪيو وڃي، جنهن سان انهن کي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو. مريم اورنگزيب چيو ته پي اين سي اي جي سربراهه جمال شاهه جي قيادت ۾ اداري جي سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سئنيما ۽ فلم جي صنعت کي قومي ۽ عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ جھي لاءِ اطاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت سميت حڪومت جا سمورا ادارا هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهن.