پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10دسمبر2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا لاڳاپا دوستي کان وڌي ڀائراڻا آهن ۽ اهي لاڳاپا مسلمان امت ۽ انسانيت جي بهتري جو سبب بڻجندا. هن اها ڳالهه ترڪ مذهبي معاملن جي وفد سان ملاقات دوران چئي جنهن پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ ترڪ سفير بابر گورگن پڻ موجود هئا. صدر چيو ته وفدن جي مسلسل مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته اسان امام حاطب اسڪول سسٽم قائم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيون ٿا ۽ ترڪيءَ ۾ اسلامي يونيورسٽي جي طرز تي قائم ٿيندڙ يونيورسٽي سان ٻنهي يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ۽ علمي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي طرفن جي شاگردن جي وفدن جي مٽاسٽا ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۾ مذهبي مدرسن کي جديد علم سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ڌارا ۾ آندو پيو وڃي. ترڪ وفد جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر محمت گورمز چيو ته الله تعاليٰ اسان جي دوستي عالم ارواح ۾ طئي ڪئي هئي. پاڪستان جي قومي شاعر اقبال ۽ ترڪيءَ جي قومي شاعر محمد عاڪف جي پيغام ۾ ڪو فرق نه آهي ۽ ٻنهي مولانا رومي کان فڪري فيض حاصل ڪيو. هن صدر جا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن وڌائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.