پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاسن جو شيڊول جاري

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاسن جو شيڊول جاري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ايندڙ مهيني آگسٽ جي اجلاسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن موجب پي اي سي جا 8 اجلاس 16 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين منعقد ٿيندا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اڱارو 16 آگسٽ تي ايوي ايشن ڊويزن، اربع 17 آگسٽ تي وفاقي ٽيڪس محتسب، نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڊويزن، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت، خميس 18 آگسٽ تي فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ، فاٽا سيڪريٽريٽ، قومي صحت ۽ خدمتن واري وزارت، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، اڱاري 23 آگسٽ تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اربع 24 آگسٽ تي هائوسنگ اينڊ ورڪس، خميس 25 آگسٽ تي دفاعي پيداوار واري وزارت، اڱاري 30 آگسٽ تي اي او وي آءِ جي 10 سالا ڪارڪردگي جي حوالي سان سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت کان بريفنگ ۽ اربع 31 آگسٽ تي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي 10 سالا ڪارڪردگي جي حوالي سان واپار واري وزارت کان بريفنگ سميت آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويندو، اجلاس جي صدارت پي اي سي جو چيئرمين سيد خورشيد احمد شاهه ڪندو. اي پي پي/ص