وزيراعظم پاران معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

وزيراعظم پاران معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) وزيراعظم محمد نواز شريف بزرگ سياستدان معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم هڪ سياستدان ۽ عمده انسان جي حيثيت سان سندس ڪردار کي ساراهيندي چيو ته معراج محمد خان جي جمهوريت جي لاءِ جدوجهد بيمثال آهي، هن چيو ته معراج محمد خان هڪ پرامن سياستدان هو جنهن قومي سياسي تاريخ دوران مشڪل دور ۾ جمهوريت جي بالادستي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. جنهن تي کيس ايندڙ وقت ۾ ياد رکيو ويندو، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. اي پي پي/ص – ج/ش