سيد خورشيد شاهه پاران معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

سيد خورشيد شاهه پاران معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويجهي ساٿي ۽ مشهور سياسي اڳواڻ معراج محمد خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مزدورن، هارين ۽ غريبن جي لاءِ معراج محمد خان جي جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:41