سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 6دسمبر 2016ء) سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن ۽ روٽس ملينيم اسڪول جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر بابت معاهدي تي نظرثاني ڪري پرڏيهي وزارت جي گريڊ 17 کان هيٺ سمورن ملازمن رٽائرڊ، لاڏاڻو ڪري ويلن جي ڪوٽا ۽ منافعو وڌائڻ سميت معاهدي ۾ ويلفيئر جو عڪس نمايان ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ڪميٽي جي 3 ميمبرن چيريٽي جي لاءِ ورتل پلاٽ تي ڪمرشل سرگرمين ۽ سي ڊي اي بورڊ جي فيصلي جي خلاف احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري ويا. اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ترميمي بل 2016ع، مونوٽائيزيشن پاليسي تحت سرڪاري آفيسرن کي ملندڙ گاڏين جا معاملا اسلام آباد جي ضمني علائقن جي ماحول تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين طلحيٰ محمود جي صدارت ۾پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايوي ايشن ڊويزن جي سيڪريٽري عرفان الاهي، سي ڊي اي چيئرمين شيخ انصر عزيز، سي ڊي اي پلاننگ ميمبر، ڊي جي فارن آفيس شجاع راٺوڙ، ڪميٽي ميمبرن خوشبخت شجاعت، ڪلثوم پروين، شاهي سيد، مير يوسف باديني، ڪامل علي آغا، راحيلا مگسي، حاجي سيف الله بنگش ۽ نوابزاده سيف الله مگسي موجود هئا. ڊي جي فارن آفيس شجاع راٺوڙ ڪميٽي کي ٻڌايو ته فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن ۾ پرڏيهي وزارت جي گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن جون گهرواريون ۽ پرڏيهي آفيس جون عورت ملازم ان ايسوسيئيشن جون ميمبر آهن ايسوسيئيشن 2006ع ۾ 1.3 بلين ادا ڪرڻ کانپوءِ اهو پلاٽ حاصل ڪيو.