اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماري ۾ دير جي معاملي تي ننڍن صوبن جا خدشا ۽ ڳڻتيون ختم ڪرڻ گهرجن: ميان رضا رباني

اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماري ۾ دير جي معاملي تي ننڍن صوبن جا خدشا ۽ ڳڻتيون ختم ڪرڻ گهرجن: ميان رضا رباني

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماري ۾ دير جي معاملي تي ننڍن صوبن جا خدشا ۽ ڳڻتيون ختم ڪرڻ گهرجن، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سسئي پليجو جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي معاملي تي ريمارڪس ڏيندي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته وفاقي حڪومت مسلسل ٻي بجيٽ پراڻي اين ايف سي ايوارڊ تحت پيش ڪئي آهي، نئين اين ايف سي ايوارڊ جي لاءِ اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ها، هر پنجن سالن کانپوءِ نئين اين ايف سي ايوارڊ جو اعلان آئيني گهرج آهي، ان کانسواءِ آدم شماري ۾ به مسلسل دير ٿي رهي آهي، انهن ٻنهي معاملن تي ننڍن صوبن جا خدشا آهن ڇاڪاڻ جو صوبن جو موقف آهي ته جيڪڏهن آدم شماري وقت سر ٿئي ته آبادي ۾ اضافي جي صورتحال ۾ انهن کي اضافي وسيلا به حاصل ٿيندا، تنهن ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماري جي معاملي تي جلد اڳڀرائي جي ضرورت آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ ننڍن صوبن جي خدشن جو ازالو ڪرڻ گهرجي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:40