9020 ماڻهو رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم تحت 85 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا:زاهد حامد

9020 ماڻهو رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم تحت 85 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا:زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته 9020 ماڻهو رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم تحت 85 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا، بجيٽ ۾ ٽيڪس وصوليون وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا ويا آهن، ان سان ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۾ مدد ملندي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محسن لغاري ۽ سينيٽر نعمان وزير جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته حڪومت هڪ رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائي ته جيئن ٽيڪس وصولي وڌائي سگهجي، هينئر تائين 9020 ماڻهن اسڪيم تحت رهتون جمع ڪرايون ۽ 85 ڪروڙ روپيا ان تحت جمع ٿيا. هن ٻڌايو ته هن اسڪيم جي اشتهاري مهم تي 6 ڪروڙ 10 لک روپيا خرچ ڪيا ويا، هن چيو ته ٽيڪس جو دائرو ڪار وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس باقيدارن جو تعداد تمام گهٽ آهي، هن چيو ته بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا ويا آهن، ان سان ٽيڪس وصولي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:34