ڪراچي، سپريم ڪورٽ جو ٽن ڏينهن ۾ تمام بل بورڊز هٽائڻ جوحڪم

ڪراچي، سپريم ڪورٽ جو ٽن ڏينهن ۾ تمام بل بورڊز هٽائڻ جوحڪم

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان شهر مان بل بورڊ هٽائڻ متعلق ڊي ايم سيز جي رپورٽ رد ڪندي 29 جولاءِ تي غير قانوني بل بورڊز ۽ هورڊنگز متعلق ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير حاني مسلم جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني لارجز بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران ڊي ايم سيز ڪنٽومينٽ بورڊ بل بورڊ هٽائڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين عدالت کي ٻڌايو ته شهر مان 98 سيڪڙو بل بورڊز هٽايا ويا آهن ۽ باقي به جلد ئي هٽايا ويندا جسٽس امير حاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته غلط بياني نه ڪيو شهر ۾ هاڻي به بورڊز لڳل آهن عدالت چيو ته اسان وٽ تصويرون موجود آهن شهر ۾ هاڻي به سائن بورڊ لڳل آهن شاهراه فيصل کان ڪالاپل تائين بورڊ گهڻن ئي تعداد ۾ لڳل آهن ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ٻڌايو ته اهو علائقو ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي حد ۾ اچي ٿو ۽ اتان جي معاملن ۾ مقامي انتظاميه مداخلت نٿي ڪري سگهي. اهي بل بورڊز آرمي ويلفيئر ٽرسٽ لڳايا آهن عدالت ايڊمنسٽريٽر کي جواب ڏيندي چيو ته سڀ هڪٻئي تي ذميواري وجهي رهيا آهن اسان ڪنهن تي ڀروسو ڪيون. ڇا ڪنٽومينٽ وارا عدالت کان وڏا آهن. امير حاني مسلم چيو ته ڪنٽومينٽ بورڊ جو سي اِي او ڪير آهي ان کي عدالت ۾ طلب ڪيو وڃي جنهن تي وڪيل عدالت کي چيو ته هو ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪ ويل آهي. جسٽس امير حاني مسلم عدالت ۾ موجود آفيسرن کي چيو ته هي توهان جي نااهلي آهي اسان اڄ ڏوهه لاڳو ڪنداسين. اهو صرف شاهراه فيصل نه پر پوري شهر جو مسئلو آهي. ايڊمنسٽريٽر سائوٿ جڏهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته منهنجو تعلق ڊي ايم سي سائوٿ سان آهي ته جسٽس امير حاني مسلم چيو ته سڀ کان وڌيڪ گنڌ توهان ڪرايو آهي. ڪهڙي قانون جي تحت سائن بورڊ هڻڻ جي اجازت ڏني. ايڊمنسٽريٽر سائوٿ ان سوال جو جواب نه ڏنو. ايڊمنسٽريٽر سينٽرل چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ چارج ورتي آهي ڪنهن کي بل بورڊ هڻڻ جي اجازت نه ڏني آهي. امير حاني مسلم چيو ته ڏوهه لاڳو ڪنداسين ته توهان جو خيال ٻيهر ڦري ويندو. توهان ڪڏهن غريبن جي بستي ۾ وڃي ڏسو ايڊمنسٽريٽر ڊسٽرڪٽ ويسٽ چيو ته ضلعي ويسٽ مان تمام سائن بورڊ هٽايا ويا آهن. عدالت ڌرين کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.