ملتان، قنديل بلوچ ڪيس، پوليس مقتوله جي ٻن ڀاڄائين کيگرفتار ڪري ورتو

ملتان، قنديل بلوچ ڪيس، پوليس مقتوله جي ٻن ڀاڄائين کيگرفتار ڪري ورتو

ملتان (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ پوليس ان جي ٻن ڀاڄائين کي گرفتار ڪندي قنديل جو موبائيل فون به هٿ ڪيو آهي قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ پوليس جاچ جو دائرو وڌائيندي مقتوله جي ٻن ڀاڄائين سهرش بطول ۽ اقبال بي بي کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي. پوليس قنديل بلوچ جي واردات واري جاءِ تان گم ٿيندڙ موبائيل فون به ڊيرا غازي خان ۾ شاهه فضل الدين جي علائقي ۾ ان جي اباڻي گهر مان هٿ ڪئي آهي پوليس ٻڌايو ته قنديل جي ڀاءُ ڏوهاري وسيم واردات واري جاءِ تان موبائيل فون کنيو هو ۽ پنهنجي اباڻي گهر ۾ لڪايو هو. جڏهن ته هن وقت تائين ان ڪيس ۾ ست ڄڻا جاچ هيٺ آهن.