حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب

حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ضروري قانونسازي ڪئي پئي وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن هتي نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ ميڊيا پروفيشنلز جي سگهه ۾ اضافي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، وزارت ميڊيا پروفيشنلز جي تربيت تي ڌيان ڏيندي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي صحافين جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ مسودو بل تيار ڪيو ويو آهي ۽ جلد ان جي ڪاپي پريس ڪلبن ۽ ميڊيا جي ادارن سميت سمورين ڌرين ڏانهن موڪلي ويندي. هن صحافين کي چيو ته بل ۾ بهتري جي لاءِ تجويزون ڏين ته جيئن اهو هڪ ٺوس قانون بڻجي سگهي. هن چيو ته صحافين جي تحفظ جي لاءِ مناسب قانونسازي جي سخت ضرورت آهي. مملڪتي وزير چيو ته جرنلسٽس انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ بل جو حصو هوندو. هن چيو ته جديد دور ۾ ميديا جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته نئين قانون تحت ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ٿيندي ۽ متاثر خاندانن جي لاءِ معاوضا ڏنا ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا ادارتي ڪميٽين کي وڌيڪ فعال بڻائي ته جيئن ازخود احتسابي نظام قائم ٿي سگهي. اطلاعات تائين پهچ جي بل بابت هن چيو ته ان کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته روڊ نيٽ ورڪ ۽ سي پيڪ سبب ملڪ جي اهميت اجاگر ٿي رهي آهي اسان کي قومي مفادن کي سربلند رکڻ گهرجي. ان کان اڳ پي ايف يو جي جي اڳوڻي صدر افضل بٽ ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر شڪيل انجم صحافي برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.