قومي اسيمبلي پاران ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن ۽ لائين آف ڪنٽرول تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي خلاف مذمتي قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن ۽ لائين آف ڪنٽرول تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي خلاف مذمتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30نومبر2016ء) قومي اسيمبلي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن ۽ لائين آف ڪنٽرول تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪندي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن، انساني حقن جي اڳواڻن کي آزاد ۽ ميڊيا تي پابنديون ختم ڪري. عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ بند ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير جي حوالي سان قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير زاهد حامد ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ لاڳيتو جاري ڏاڍ ۽ ايل او سي تي سول آبادي کي نشانو بڻائڻ جي عمل جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت جا اهي قدم اصل ۾ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تان عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ جي هڪ ڪڌي ڪوشش آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته لائين آف ڪنٽرول تي گولاباري ۽ فائرنگ 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي آهي. نيلم ويلي ۾ مسافر بس تي فائرنگ سان 11 مسافر مارجي ويا جڏهن ته 6 زخمي ٿيا، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي پاڪستان ۽ ڀارت جي بابت ملٽري آبزرور گروپ کي والاريل ڪشمير ۾ لائين آف ڪنٽرول تائين پهچ ڏي. قرارداد ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ تازن ڀارتي ظلمن سان 150 کان وڌيڪ معصوم ڪشميري شهيد جڏهن ته 16 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. پيلٽ گنز جي استعمال سان 1000 کان وڌيڪ متاثر ۽ اکين جي نور کان محروم ٿيا آهن. قرارداد ۾ حريت اڳواڻن، انساني حقن جي تنظيمن جي گرفتار اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي جڏهن ته صحافين تي پابندي جي پڻ مذمت ڪئي وئي آهي. قرارداد ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت کي ورجايو ويو آهي ۽ ڪشمير جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو ويو آهي. عالمي برادري کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ روڪي. لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي سيز فائر جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڊپٽي اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي.