پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ حالتون سازگار آهن: رانا محمد افضل

پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ حالتون سازگار آهن: رانا محمد افضل

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30نومبر2016ء) ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ حالتون سازگار آهن ۽ ان ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، گذريل ٽن سالن دوران مواصلات جي شعبي ۾ 19 ڪروڙ 52 لک ڊالر، توانائي جي شعبي ۾ 56 ڪروڙ 66 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران شازيه مري جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان ۾ مواصلات جي شعبي ۾ 19 ڪروڙ 52 لک ڊالر، بجلي جي شعبي ۾ 56 ڪروڙ 66 لک، تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ 26 ڪروڙ 16 لک ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي، انهن سالن ۾ جيڪو پئسو ٻاهر ويو اهو گهٽ ۽ جيڪو هتي آيو اهو وڌيڪ آهي، هن ٻڌايو ته هي سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ امن امان بهتر بڻائڻ، توانائي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ، ٿرڪول منصوبو، ايل اين جي درآمد ڪري توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، صوبائي حڪومتون اي گورننس، امن امان بهتر بڻائي رهيون آهن، چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت 46 ارب ڊالر اهم سيڙپڪاري هوندي، شيخ صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته اٽلي کان چارٽرڊ جهاز تي 80 جي ويجهو بزنس وفد هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچي رهيو آهي جيڪو ٽن ڏينهن هتي رهندو، ايف بي آر ۾ شفافيت جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي آهي، اوڳاڙين جي وصولي ۾ 62 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ميمبر ٽرانسپيرنسي بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪن.