ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي لکيل ڪتاب تي کيس اسپيڪر پاران خراج تحسين پيش

ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي لکيل ڪتاب تي کيس اسپيڪر پاران خراج تحسين پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي صنفي امتياز جي خلاف لکيل ڪتاب تي کيس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خراج تحسين پيش ڪيو آهي جڏهن ته نفيسه شاهه پنهنجي ڪتاب جي مهورت واري تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سان گڏ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سمورن ميمبرن کي شرڪت جي دعوت ڏني. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڊاڪٽر نفيسه شاهه صنفي امتياز ۽ تشدد تي ڪتاب لکيو آهي، اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان سان گڏ ٽي پي ايڇ ڊي ميمبر آهن، نفيسه شاهه چيو ته ان حوصلي افزائي تي ٿورو ادا ڪريان ٿي، ان جي مهورتي تقريب ۾ جيڪڏهن توهان ۽ سينيٽ چيئرمين شريڪ ٿين ته منهنجي حوصلا افزائي ٿيندي.