گوادر ۾ تاريخي ماڳن جا نالا تبديل ڪري ماڻهن کان انهن جي سڃاڻپ نه کسي وڃي: سيد عيسيٰ نوري

گوادر ۾ تاريخي ماڳن جا نالا تبديل ڪري ماڻهن کان انهن جي سڃاڻپ نه کسي وڃي: سيد عيسيٰ نوري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) بلوچستان مان قومي اسيمبلي ميمبر سيد عيسيٰ نوري چيو آهي ته گوادر ۾ تاريخي ماڳن جا نالا تبديل ڪري ماڻهن کان انهن جي سڃاڻپ نه کسي وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي سيد عيسيٰ نوري چيو ته گوادر ۾ تاريخي ماڳن جا نالا تبديل ڪرڻ سان اتي جي ماڻهن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، ماڻهن کان انهن جي سڃاڻپ نه کسي وڃي.