قومي اسيمبلي پاران گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي قرارداد منظور

قومي اسيمبلي پاران گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ملڪ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومت طرفان قدم کڻڻ جي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته ميمبرن چيو آهي ته ملڪ مان گئس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي لاءِ ايران پاڪستان ۽ تاپي گئس پائيپ لائين منصوبن کي عملي جامون پارايو وڃي، ملڪي سطح تي گئس جي ذخيرن جي دريافت جي لاءِ قدم کنيا وڃن، گئس جي ٽٽل ڦٽل پائپ لائينون تبديل ڪرايون وڃن، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نعيمه ڪشور خان چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان بحث ٿي چڪو آهي، هاڻي صرف لاڳاپيل وزير کي بحث سهيڙڻو آهي. اعجاز جکراڻي چيو ته ميمبر درست نشاندهي ڪئي آهي، شازيه مري چيو ته سردي جي موسم شروع ٿي چڪي آهي، گئس لوڊشيڊنگ سان عوام پريشان آهي، حڪومت گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري، عائشه سيد چيو ته گئس لوڊشيڊنگ سبب مائرون ٻارن کي ناشتو به نٿيون ڏئي سگهن، ٻيلن جي واڍي به ان سبب ٿي رهي آهي، حڪومت ان بدانتظامي کي ختم ڪري موثر قدم کڻي، ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته جيستائين عملي قدم نٿا کنيا وڃن ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، وفاق ۽ صوبا بدين ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ شيڊيول ڪرڻ کي يقيني بڻائين، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته لاڳاپيل وزير توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ ئي آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪميٽي پارليامينٽ کان وڌيڪ اهم نه آهي آئنده اهڙو جواب فلور تي نه اچڻ گهرجي، جيڪڏهن هن کي وڃڻو هو ته مملڪتي وزير يا ڪنهن ٻي کي اطلاع ڪري ها، طاهره اورنگزيب چيو ته ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ دير ڪٿي آهي، گئس جا نوان ذخيرا ڳوليا وڃن، مولانا گوهر شاهه چيو ته چارسده ۾ لوڊشيڊنگ جي روڪٿام جي لاءِ گئس پائيپ لائينون تبديل ڪيون وڃن، ميجر (ر) طاهر اقبال چيو ته پاڪستان ۾ گئس جي سپلائي گهرج سان 40 سيڪڙو گهٽ آهي، حڪومت وڏي محنت ۽ انڊسٽري کي مڪمل گئس فراهم ڪئي، ايل اين جي جي درآمد جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن گئس جو مسئلو حل ٿئي، ايران، پاڪستان ۽ تاپي گئس منصوبن تي ڀرپور انداز ۾ ڪم هجڻ گهرجي، نعيمه ڪشور خان چيو ته اسان جي ڳالهه جو ڪير جواب ڏيندو، نوٽيس ڪير وٺي رهيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته وزارت جا ماڻهو موجود آهن نوٽيس وٺي رهيا آهن.