ميڊيا کي مادر پدر آزادي نه ڏئي رهيا آهيون: طارق فضل چوڌري

ميڊيا کي مادر پدر آزادي نه ڏئي رهيا آهيون: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) ڪيڊ واري مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي خلاف لنڊن ۾ فليٽن جي حوالي سان الزامن جو معاملو پهرين ئي استحقاق ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، پيمرا کي ڌر بڻائي درخواست ڏني وڃي ته پيمرا ڪارروائي ڪندو، ميڊيا کي مادر پدر آزادي نه ڏئي رهيا آهيون، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نعيمه ڪشور خان جي 21 نومبر 2016ع تي بول ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ عامر لياقت حسين جي لنڊن ۾ فليٽن جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن تي بي بنياد الزامن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ان ڌيان ڇڪايو نوٽيس کان پهرين 25 نومبر تائين استحقاق واري رٿ به جمع ٿي آهي، هن چيو ته پيمرا جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي ذريعي مليل شڪايتن تي ڪارروائي جي ذريعي چيئنلز تي ڏنڊ وڌا ويندا آهن، هن چيو ته استحقاق واري رٿ جي ذريعي پيمرا ڪارروائي جو اختيار رکي ٿو پر ڌيان ڇڪايو نوٽيس تحت ڪارروائي عمل ۾ نٿي آڻي سگهجي، تنهن هوندي به ميمبر پيمرا کي ڌر بڻائي پيمرا چيئرمين کي درخواست ڏين، ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي نعيمه ڪشور خان، شاهده اختر علي، آسيه ناصر، قاري محمد يوسف، عاليه ڪامران جي سوالن جي جواب ۾ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي، عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس به بحث هيٺ آندا ويندا آهن، روزاني شام جو عدالتون لڳي وينديون آهن جنهن ۾ باقاعده چئنلز تي فيصلا به ٻڌايا ويندا آهن، ڪارروائي تحت چيئنلز جي بندش سميت ڏنڊ به وڌا ويندا آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزارت سڌو سنئون ڪنهن پروگرام کي بند نٿي ڪري سگهي ڪا به ڪارروائي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي ذريعي ئي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي، هن چيو ته ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ ۽ کين صفائي جو موقعو نه ڏيڻ به تهذيب جي ابتڙ آهي، اهڙن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ان ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي سڌو سنئون پيمرا جي حوالي ڪري ڇڏينداسين ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي به حوالي ڪيو وڃي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پهرين ئي ان حوالي سان استحقاق واري رٿ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي، وزارت کي اهڙي طرح جي ڪردار ڪشي جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، هڪ ئي معاملو ٻن ڪميٽين جي حوالي نٿو ڪري سگهجي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پيمرا جي دائر اختيار ۾ جيڪو ڪجهه اچي ٿو ان جي تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ٽي وي چيئنلز کي مادر پدر آزادي نه پيا ڏيون، نعيمه ڪشور چيو ته اسان ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ به درخواست ڏني آهي.